مني لانڊرنگ ڪيس: شهباز شريف ۽ حمزه شريف جي ضمانت ۾ واڌ

لاهور: مني لانڊرنگ ڪيس ۾ لاهور جي اسپيشل ڪورٽ وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس پُٽ پنجاب جي وڏي وزير حمزه شريف جي ضمانت ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.
اسپيشل ڪورٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس بابت ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ پنجاب جو وڏو وزير حمزه شريف شريڪ ٿيا.
ٻڌڻي دوران حمزه شريف جي وڪيل امجد پرويز دليل ڏيندي چيو ته ڏيڍ سال تائين تحقيقات ڪئي وئي پر ايف آئي اي ڪو به ثبوت رڪارڊ تي ناهي آڻي سگهي، گذريل حڪومت ۾ بدترين سياسي انجنيئرنگ ٿي، جنهن کي لاهور هاءِ ڪورٽ به حقيقت قرار ڏئي چڪي آهي، جڏهن پيءُ ۽ پٽ جيل ۾ هئا ته ايف آئي اي کين تفتيش ۾ شامل ڪيو ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻ تي دٻاءُ وجهڻ لاءِ حڪومت مشينري جو استعمال ڪيو ويو.
ٻڌڻي دوران جج ريمارڪس ڏيندي چيو ته شهباز شريف ۽ حمزه شريف جي گرفتاري لازمي آهي، جنهن تي ايف آئي اي جي وڪيل جواب ڏيندي چيو ته جي ها ٻنهي جي گرفتاري لازمي آهي ڇاڪاڻ ته ٻئي جوابدار ايف آئي اي جي تفتيش ۾ شامل ناهن ٿيا
ٻڌڻي دوران عدالت وزاعظم شهباز شريف ۽ پنجاب وڏي وزير حمزه شريف سميت ڪيس ۾ نامزد سمورن جوابدارن جي ضمانت ۾ 11 جون 2022ع تائين واڌ ڪري ڇڏي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔