شهباز شريف! حڪومت نٿا هلائي سگهو ته پوءِ سازش ڇو ڪئي؟ عمران خان

اسلام آٻاد: تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان الزام هنيو آهي ته حڪومت اليڪشن ڪميشن سان گڏجي اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي ڪوشش ڪري رهي آهي، شهباز شريف گهٻرائجي ويو آهي، جيڪڏهن اوهان کان حڪومت نٿي هلي ته پوءِ سازش ڇو ڪئي؟

دير بالا ۾ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان جو چوڻ هو ته اسرائيل، امريڪا ۽ ڀارت گڏجي سازش ڪئي ۽ حڪمرانن کي اسان مٿان مڙهيو، شهباز شريف کي اِن ڪري اقتدار ۾ آندو ويو ڇو جو هي آقا جو هر حڪم مڃيندو آهي

عمران خان چيو آهي ته حڪومت آقائن جي حڪم تي پيٽرول 60 رپيا مهانگو ڪيو، جنهن جي دل ۾ انسانيت هوندي، اُهو ايتري مهانگائي نه ڪندو

پي ٽي آءِ چيئرمين الزام هنيو ته هي اليڪشن ڪميشن سان گڏجي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، 25 جي رات جيڪو ظلم ڪيو ويو، ايڏو ظلم ڪڏهن ناهي ڏٺو، ماڻهن کي ڊيڄاريو ويو ته جيئن گهرن مان ٻاهر نه نڪري سگهن ۽ غلامي جي زنجير ۾ ٻڌل رهن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔