صدر نيب ۽ اليڪشن ترميمي بل منظوري بنا واپس موڪلي ڇڏيا

اسلام آباد: ڊاڪٽر عارف علوي قومي احتساب بيورو(نيب) ۽ اليڪشن ترميمي بل منظوري بنا ئي واپس موڪلي ڇڏيا آهن

صدر بل آرٽيڪل 75 جي بي ون تحت واپس وزير اعظم ڏانهن موڪليا ۽ هدايت ڪئي ته پارليامينٽ ۽ لاڳاپيل ڪميٽيز بلز تي نظر ثاني ۽ غور ڪن

صدر اعتراض ۾ ڄاڻايو آهي ته ٻئي بل تڪڙ ۾ 26 مئي تي قومي اسيمبلي ۽ 27 مئي تي سينيٽ مان منظور ٿيا، قانونسازي تي قانوني برادري ۽ سول سوسائيٽي سان مشاورت ٿيڻ گهرجي

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پارليامينٽ اليڪشن ترميمي بل 2022 تحت اي وي ايم ۽ اوورسيز ووٽنگ کي ختم ڪيو هو، جڏهن ته نيب ترميمي بل ذريعي نيب جا اختيار گهٽايا ويا هئا

  • TAGS

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔