وزيراعظم پاران بجلي جي لوڊشيڊنگ تي ڪاوڙ جو اظهار،واپڊا عملدارن کي ڇنڊَ

لاهور: وزيراعظم شهباز شريف ملڪ اندر بجلي جي لوڊشيڊنگ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي واپڊا عملدارن کي ڇنڊ پٽي آهي، وزيراعظم جو چوڻ آهي ته ملڪ اندر ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ بجلي جي لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي.
ذريعن چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ملڪ اندر جاري بجلي جي لوڊشيڊنگ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ان حوالي سان هنگامي اجلاس سڏايو ۽ وزيراعظم لاڳاپيل کاتن جي عملدارن کي عدالت ۾ پيشي کانپوءِ فوري طور طلب ڪري اجلاس ڪيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شهباز شريف جي صدارت هيٺ لاهور ۾ اجلاس هلندڙ آهي، جنهن ۾ سرڪاري آفيسرن سان گڏ ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي، مفتاح اسماعيل، مصدق ملڪ ۽ ٻيا شريڪ آهن.
ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته اجلاس ۾ وزيراعظم کي بريفنگ ڏيندي چيو ويو ته ملڪ اندر صرف 2 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، جنهن تي وزيراعظم ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ 10 ڪلاڪن کان وڌيڪ آهي، مان اوهان جي ڪوڙ کي تلسيم نٿو ڪيان، جيڪڏهن توهان مونکي لوڊشيڊنگ بابت اهي حتمي ڳالهيون ٻڌائي رهيا آهيو ته مان انهن کي نٿو مڃان.
اجلاس دوران وزيراعظم شهباز شريف آفيسرن مٿان مڇرجي پيو ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ بابت انهن جي وضاحتن کي رد ڪري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔