متحده سان ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ايڊمنسٽريشن بابت ڪو به فيصلو ناهي ٿيو: وڏو وزير

نبي سر روڊ: وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته بلدياتي چونڊن بابت جيڪو عدالت فيصلو ڪندي اهو قبول هوندو، ايم ڪيو ايم سان ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ايڊمنسٽريشن بابت اڃا تائين ڪو فيصلو ناهي ٿيو.
نبي سر ۾ ٿر ڪول منصوبي تحت پاڻي اسڪيم جو افتتاح ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته بلدياتي قانون جو جائزو وٺندڙ سليڪٽ ڪميٽي جون سفارشون عدالت ڏانهن موڪليون آهن، عدالت بلدياتي اليڪشن بابت جيڪو فيصلو ڪندي اسان کي منظور آهي.
سيد مراد علي شاهه چيو ته اسان ڀلي وفاق ۾ ن ليگ حڪومت جا اتحادي آهيون پر سنڌ جي مسئلن ۽ حقن بابت آواز اٿاريندا رهنداسين، ايم ڪيو ايم جو وفد سڀاڻي بلدياتي ماملن بابت ملاقات ڪندو، ايم ڪيو ايم سان ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ايڊمنسٽريشن بابت ڪو به فيصلو ناهي ٿيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔