ملڪ ۾ ووٽرن جو انگ 12 ڪروڙ 47 لک ٿي ويو: سنڌ ۾ اڍائي ڪروڙ ووٽر: تفصيل جاري

اسلام آباد:اليڪشن ڪميشن پاران ايندڙ عام چونڊن لاءِ تيار ڪيل ابتدائي ووٽر لسٽ جا تفصيل سامهون اچي ويا آھن

اليڪشن ڪميشن پاران ملڪ اندر 17 مئي 2022ع تائين ايندڙ عام چونڊن لاءِ  رجسٽرڊ ڪيل ووٽرن جو مجموعي تعداد 12 ڪروڙ 47 لک 53 هزار 345 تائين پهچي ويو، جنهن ۾ 55 سيڪڙو مرد ووٽر ۽ 45 سيڪڙو عورت ووٽر شامل آهن

اليڪشن ڪميشن پاران 17 مئي 2022ع تائين تيار ڪيل ووٽر لسٽ بابت “پنهنجي اخبار” وٽ موجود دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته ۾ 55 سيڪڙو مرد ووٽر جن جو تعداد 6 ڪروڙ 80 لک 29 هزار 866 آهي، جڏهن 45 سيڪڙو عورت ووٽر جن جو تعداد 5 ڪروڙ 67 لک 23 هزار 479 آهي، سنڌ صوبي ۾ ووٽرن جو تعداد وڌي مجموعي طور تي 2 ڪروڙ 62 لک 27 هزار 177 ٿي ويو آهي

جنهن ۾ 55 سيڪڙو مرد ووٽر جن جو تعداد هڪ ڪروڙ 43 لک 48 هزار 200 ۽ 45  سيڪڙو عورت ووٽر جن جو تعداد هڪ ڪروڙ 18 لک 78 هزار 970 آهي،

پنجاب صوبي ۾ مجموعي طور تي ووٽرن جو تعداد 7 ڪروڙ 11 لک 2 هزار 722 آهي، جنهن ۾ 54 سيڪڙو مرد ۽ 46 سيڪڙو عورت ووٽر شامل آهن، پنجاب ۾ مرد ووٽرن جو تعداد 3 ڪروڙ 84 لک 85 هزار 77 جڏهن ته عورت ووٽرن جو تعداد 3 ڪروڙ 26 17 هزار 645 آهي،

خيبر پختونخوا صوبي ۾ ڪل ووٽرن جو تعداد 2 ڪروڙ 3 لک 16 هزار 271 آهي، مرد ووٽرن جو تعداد هڪ ڪروڙ 17 لک 63 هزار 284، عورت ووٽرن جو تعداد 95 لک 52 هزار 987 آهي

ڪل ووٽرن ۾ 55 سيڪڙو مرد ۽ 45 سيڪڙو عورت ووٽر شامل آهن، بلوچستان صوبي ۾ ڪل ووٽرن جو تعداد 51 لک 68 هزار 893 آهي، جنهن ۾ 57 سيڪڙو مرد ۽ 43 سيڪڙو عورت ووٽر شامل آهنمرد ووٽرن جو تعداد 29 لک 37 هزار 404 ۽ عورت ووٽرن جو تعداد 22 لک 31 هزار 489 آهي

  اسلام آباد ۾ ڪل ووٽرن جو تعداد 9 لک 38 هزار 282 آهي، جن ۾ 53 سيڪڙو مرد ۽ 47 سيڪڙو عورتون شامل آهن، اسلام آباد ۾ مرد ووٽرن جو تعداد 4 لک 95 هزار 901 ۽ عورت ووٽرن جو تعداد 4 لک 442 هزار 381 شامل آهي

  • TA

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔