پاڪستان جا 3 ٽڪرا ٿيڻ جا خواب ڏسندڙ جي پارٽي جا 300 ٽڪرا ٿيندا: مريم نواز

نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته پاڪستان جا 3 ٽڪرا ٿيڻ جا خواب ڏسندڙ جي پارٽي جا 300 ٽڪرا ٿي ويندا

هن چيو ته  عمران خان پاڪستان لاءِ ڏنل قربانين جي توهين ڪئي آهي، عمران خان جي سڄي سياست تخريبڪاري آهي، قوم کي سندس تخريبڪاري روڪڻي پوندي

مريم نواز اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهين دوران عمران خان تي تنقيدي وار ڪيا

مريم نواز چيو ته ملڪ لاءِ ڏنل قربانين کي عمران خان جي گندي سياست جي نذر ٿيڻ نه ڏينداسين، پاڪ فوج آئين ۽ سرحدن جي محافظ آهي

هن چيو ته عمران خان فوج کي سياست ۾ گهلڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس عوام جو مقابلو ڪرڻو پوندو

مريم نواز وڌيڪ چيو ته عمران خان ضمانتي ليڊر بڻجي ويو آهي، هو پنهنجي ناڪامين جو ملبو پاڪستان تي وجهي رهيو آهي

ن ليگ جي نائب صدر  چيو ته ملڪ کي عمران خان جي فتني ۽ شر کان بچائڻ جو موقعو آهي، اهو موقعو وڃايو ته ڏکيائيون ٿينديون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔