ڇڪا هڻڻ لاءِ بيٽنگ تي ڌيان ڏئي رهيو آهيان: شاهين آفريدي

ڪراچي: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر  شاهين آفريدي چيو آهي ته مان ڇڪا لڳائڻ چاهيان ٿو، ان ڪري بيٽنگ تي ڌيان ڏئي رهيو آهيان

شاهين آفريدي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ٽيم مڪمل تيار آهي، گرمي برداشت ڪرڻي پوندي، فاسٽ بالر ڊگهو اسپيلز نٿا ڪري سگهن پر مڪمل تيار هوندا

هن چيو ته اِها سيريز مون لاءِ اهم آهي، تسلسل برقرار رکڻ چاهيان ٿو، ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل رهان ٿو

شاهين آفريدي چيو ته ورلڊ سيريز جي ميچز اسان لاءِ اهميت رکن ٿيون، ڪوشش هوندي ته سيريز ۾ 16کان 15 وڪيٽون وٺان ۽ سيريز ۾ مين آف دي سيريز جو اعزاز ماڻيان

واضح رهي ته پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ 3 ون ڊي ميچز جي سيريز 8 جون کان ملتان ۾ شروع ٿيندي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔