حيدرآباد ۾ اٽي جي قيمت ۾ هڪ سئو روپين تائين واڌ، عوام پريشان

حيدرآباد؛ حيدرآباد ۾ اٽي جي قيمت ۾ هڪ مهيني دوران هڪ سئو روپين جي واڌ ٿي وئي آهي، جنهن سبب شهري سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن.
گذريل هڪ مهينا کان اٽي جي اگهه ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي، هڪ مهينو اڳ جيڪو اٽي جو 10 ڪلو وارو ٿيلو 740 کان 760 روپين ۾ ملندو اهو واڌ کانپوءِ 840 کان 860 روپين ۾ وڪرو ٿيڻ لڳو آهي.
اٽو مهانگو ٿيڻ کانپوءِ شهري سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، شهرين جو چوڻ آهي ته حڪمران عوام کي رليف ڏيڻ بدران ڳالهيون ڪرڻ ۾ پورا آهن، اٽو مهانگو ٿيڻ کانپوءِ غريب طبقو هڪ ويلي جي ماني کائڻ لاءِ به پريشان ٿي ويو آهي.
رابطو ڪرڻ تي چڪي مالڪن جو چوڻ آهي ته هڪ مهينو اڳ جيڪا ڪڻڪ جي 100 ڪلو واري ٻوري 5 هزار 650 روپين ۾ ملندي هئي اها هاڻي 7 هزار روپين ۾ ملي رهي آهي، اهڙي صورتحال ۾ چڪي مالڪ مهانگي ڪڻڪ خريد ڪري سستو اٽو ڪيئن ٿا وڪرو ڪري سگهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔