اداڪاره عفت عمر شوبز جي دنيا کي الوداع ڪري ڇڏيو

ڪراچي: اداڪاره عفت عمر پنهنجي تازي انٽرويو ۾ چيو ويو آهي ته هن پاڪستان شوبز کي الوداع چئي ڇڏيو آهي .

پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ عمران خان تي ڪڙي تنقيد ڪرڻ واري اداڪاره ۽ ميزبان عفت عمر پنهنجي هاڻوڪي انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته هن شوبز جي دنيا کي الوداع ڪري ڇڏيو آهي .

اداڪاره ماڻهن پاران نواز شريف ۽ مريم نواز کي ڏنل گارين کي شوبز ڇڏڻ جو سبب قرار ڏيندي چيو ته ماڻهو تنقيد ڪن ،منهنجي راءِ سان اتفاق نه ٿا ڪن ته مون سان بحث ڪن پر ميان صاحب ۽ سندس نياڻي کي گاريون نه ڏين .هن عوام کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان سڀئي ملڪ جي بهتري چاهيون ٿا .اوهان ڪنهن تي تنقيد ڪريو ڪنهن کي گاريون نه ڏيو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔