عمران خان جي راهداري ضمانت منظور

پشاور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي راهداري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، عمران خان راهداري ضمانت لاءِ درخواست پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي هئي، جنهن لاءِ هو پاڻ عدالت ۾ پيش به ٿيو

اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي راهداري ضمانت جي درخواست فوري طور تي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪئي وئي

چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ جسٽس قيصر رشيد عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عمران خان جي آمد تي عدالت جا در بند ڪيا ويا ۽ صحافين کي عدالت ۾ وڃڻ کان به روڪيو ويو

پشاور هاءِ ڪورٽ عمران خان جي راهداري ضمانت 3 هفتن لاءِ منظور ڪئي ۽ کيس 50 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو پڻ حڪم ڏنو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔