سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جو پهريون مرحلو، مقررين ۽ بدلين جو نوٽيس

اسلام آباد: ڪميشن آف پاڪستان سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي دوران مقررين ۽ بدلين جو نوٽيس ورتو آهي

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته مقرريون ۽ بدليون ضابطن جي ابتڙ آهن، نوٽيفڪيشن واپس ورتا وڃن

صوبائي اليڪشن ڪميشن سيڪريٽري جنرل ايڊمنسٽريشن کي خط لکي مقررين ۽ بدلين تي ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي

خط ۾ صوبائي اليڪشن ڪميشن ڄاڻايو آهي ته سجاول ضلعي ۾ گريڊ 19 جي آفيسرن جون ڪيل مقررين ۽ بدلين جو نوٽيفڪيشن فوري طور واپس ورتو وڃي

اليڪشن ڪميشن موجب ڊپٽي ايجوڪيشن آفيسر نظام الدين خدائي ۽ محمد نصير ميمڻ جي مقرري توڙي بدلي الڪيشن تائين ملتوي ڪئي وڃي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔