عمران  نيازي پاڪستان کي ورهائڻ جي ڳالهه ڪرڻ جي همت نه ڪري: شهباز شريف

استنبول: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جنهن وقت مان ترڪي ۾ معاهدن تي صحيحون ڪري رهيو آهيان عمران نيازي ملڪ کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي ،عمران نيازي عوامي عهدي لاءِ  نااهل آهي ، ان جو هاڻوڪو انٽرويو ان جو وڏو ثبوت آهي.

سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽوئيٽر تي عمران خان جي بيان تي پنهنجو رد عمل ڏيندي وزيراعظم شهباز شهباز شريف جو چوڻ هو ته عمران نيازي پنهنجي سياست ڪري پر حد کان اڳتي نه وڌي ، هو پاڪستان کي ورهائڻ جي ڳالهه ڪرڻ جي همت نه ڪري .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔