اسٽيبلشمينٽ جيڪڏهن صحيح فيصلا نه ڪيا ته فوج تباهه ٿي ويندي، ملڪ جا 3 ٽڪرا ٿي ويندا: عمران خان

اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ صحيح فيصلا نه ڪيا ته فوج تباهه ٿي ويندي، ملڪ جا 3 ٽڪرا ٿي ويندا.

هڪ نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي عمران خان جو چوڻ هو ته جڏهن کان هيءَ حڪومت آئي آهي ملڪ ڏيوالپڻي ڏانهن وڃي رهيو آهي .ملڪ ڏيوالو ٿيو ته سڀ کان پهرين پاڪستاني فوج تي اثر پوندو .

هن چيو ته ملڪ ڏيوالو ٿيو ته پاڪستان کان ائٽمي اثاثا ورتا ويندا ، اسان جي ائٽمي صلاحيت هلي وئي ته پاڪستان جا 3 ٽڪرا ٿي ويندا .

عمران خان چيو ته ڀارت جا ٿنڪ ٽينڪ ڏسو جن پاڪستان کي ٽوڙڻ جا پلان ٺاهيا آهن ، هن وقت جيڪڏهن صحيح فيصلا نه ڪيا ويا ته ملڪ آپگهات ڏانهن ويندو .

پي ٽي آءِ جي چيئرمين چيو ته قومي اسيمبلي ۾ ٻيهر واپس وڃڻ جو ڪو فيصلو نه ڪيو آهي ، جيڪڏهن اسيمبلي ۾ واپس وياسين ته ان جو مطلب مسلط ڪيل حڪومت جي حمايت ڪرڻ هوندو.عمران خان چيو ته اسان رڳو هڪ شيءِ چاهيون ٿا اها آهي ته حڪومت رڳو اليڪشن جي تاريخ جو اعلان ڪري .ضمانت تي آزاد ٿيل شخص اسان جي زندگين جو فيصلو نه ٿو ڪري سگهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔