ڪراچي ۾ سپر اسٽور کي لڳل باهه تي 21 ڪلاڪن کانپوءِ به ضابطو نه اچي سگهيو

ڪراچي: ڪراچي ۾ جيل چورنگي واري علائقي ۾ واقع سپر اسٽور کي لڳل باهه تي 21 ڪلاڪن کانپوءِ به ضابطو نه اچي سگهيو .

فائر بريگيڊ جي عملدارن جو چوڻ آهي ته سپر اسٽور کي بيسمينٽ مان لڳل باهه  کي مختلف جاين تان وسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون جڏهن ته بيسمينٽ ۾ وڃڻ جو رستو نه هجڻ ڪري باهه وسائڻ ۾ تمام گهڻي پريشاني ٿي رهي آهي .

سندن چوڻ هو ته بيسمينت ۾ باهه تي 80 سيڪڙو ضابطو اچي چڪو آهي جڏهن ته دوهين جي ڪري رضاڪارن کي اندر وڃڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن .اميد آهي ته ايندڙ ڇهن ڪلاڪن ۾ باهه تي مڪمل ضابطو آندو ويندو . لاڳيتو باهه جي ڪري متاثر عمارت جي ڀتين  ۾ ڏار پئجي ويا آهن .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔