بنا خوف جي فيصلا ڪندا رهنداسين، ڪير ناراض ٿئي ٿو ته ان جو مسئلو آهي: چيف اليڪشن ڪمشنر

اسلام آباد: چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو آهي ته هو بنا خوف جي فيصلا ڪندا رهندا جيڪڏهن ڪير ناراض ٿئي ٿو ته اهو اسان جو مسئلو ناهي.
اسلام آباد ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا چيو ته اليڪشن ڪميشن چونڊون ڪرائڻ لاءِ هر وقت تيار آهي پر نئين چونڊ لاءِ جو فيصلو ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي.
هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جو ڪم صاف شفاف ۽ غيرجانبدار چونڊون ڪرائڻ آهي، اسان پنهنجو ڪم بنا ڪنهن خوف جي ڪري رهيا آهيون، جيڪڏهن ڪنهن کي ناراض ٿيڻو آهي ته ڀلي ٿئي.
چيف اليڪشن ڪمشنر وڌيڪ چيو ته تڪبندين جو ڪم جاري آهي، آدمشماري جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن جو موقف واضع آهي ته آدمشماري سرڪاري طور تي ظاهر ٿيڻ کان اڳ تڪبنديون نٿيون ٿي سگهن، مئي 2021ع ۾ 2017ع جي آدمشماري جا نتيجا پڌرا ٿيا ۽ نيون تڪبندين جو ڪم به آدمشماري جا نتيجا پڌرا ٿيڻ کانپوءِ شروع ڪيو.
هڪ سوال جي جواب ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر ايم اين ايز پاران استعيفائون ڏيڻ جو ڪو ڪيس اليڪشن ڪميشن ڏانهن ناهي موڪليو، فارين فنڊنگ ڪيس تي ٻڌڻي جاري آهي، ڌرين کي صفائي جو موقعو ڏيڻ ضروري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔