ڪنهن به قانون ۾ ٻاهرين ملڪن اندر رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جي حق کان محروم ناهي ڪيو ويو: چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من لالله چيو آهي ته اڳوڻي ۽ موجوده قانون ۾ ٻاهرين ملڪن اندر رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جي حق کان محرم ناهي ڪيو ويو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جي حق کان محروم ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران درخواستگذار دائود غزنوي جي طرفان سندس وڪيل عارف چوڌري پيش ٿيو.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستان کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ اڳوڻي حڪومت طرفان ڪيل ترميم سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب نه هئي، هاڻي جيڪا ترميم ڪئي وئي آهي ان ۾ سمندر پار پاڪستانين کي ووٽ ڏيڻ جو حق ختم ناهي ڪيو ويو، ٻئي ترميمون انهن جو حق ختم ناهن ڪري رهيون.
چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وڌيڪ چيو ته سمندرپار پاڪستانين کي ووٽ جي حق کان محروم ناهي ڪيو ويو، ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ ڏيڻ جو طريقو طئي ڪرڻو آهي.
ٻڌڻي ايندڙ جمعي تائين ملتوي ڪئي وئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔