اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف اڄ ٽن ڏينهن جي دوري تي ترڪي روانو ٿيندو .وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ هي سندس پهريون دورو هوندو .
پرڏيهي کاتي موجب ترڪ صدر طيب اردگان پهريون عالمي اڳواڻ هو جنهن شهباز شريف کي وزيراعظم ٿيڻ تي سڀ کان پهرين مبارڪباد ڏني هئي .ٻنهين اڳواڻن عيدالفطر جي موقعي تي فون تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي.
دوري دوران وزيراعظم ترڪ صدر سان به ملاقات ڪندو ، ٻنهين اڳواڻن جي ملاقات کانپوءِ وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي . ٻئي اڳواڻ علاقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا .
ترڪ صدر وزيراعظم شهباز شريف جي اعزاز ۾ رات جي ماني به ڪندو .هن سال پاڪستان ۽ ترڪي سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75 هين سالگره ملهائي رهيا آهن. وزيراعظم ۽ ترڪ صدر گڏيل طور تي هڪ تقريب ۾ به شرڪت ڪندا .