دنيا جي بھترين يونيورسٽين مان گريجويشن ڪندڙن لاءِ برطانيا جي نئين ويزا اسڪيم

لنڊن: دنيا جي بھترين يونيورسٽيز مان گريجويشن ڪندڙ شاگرد برطانيا ۾ ھڪ نئين ويزا اسڪيم تحت اپلاءِ ڪري سگھن ٿا

اھا اسڪيم برطانيا مان ٻاھر ٻين ملڪن ۾ گذريل 5 سالن دوران گريجويشن مڪمل ڪندڙ اميدوارن لاءِ آھي

انھن يونيورسٽين سان تعلق رکندڙ ماڻھن جي پيدائش ڀلي ڪٿي جي به ھجي، ھو اسڪيم لاءِ اھل ھوندا، جڏھن ته کين اپلاءِ ڪرڻ لاءِ جاب آفر جي بھ ضرورت نھ پوندي

مخصوص ضرورتن لاءِ پورا لھندڙ اميدوار ملازمت لاءِ ڊگھي مدي واري ويزا تي بھ سوئچ ڪري سگھن ٿا

ان اسڪيم لاءِ اھڙين يونيورسٽيز مان تعليم مڪمل ڪندڙ اميدوار اھل ھوندا، جن جي تعليم جھڙي سال مڪمل ٿي ھجي، ان سال سندن يونيورسٽي ٽائمنگ ھاير ايجوڪيشن ورلڊ يونيورسٽي رينڪنگ يا سائمنڊر ورلڊ يونيورسٽي رينڪنگ يا وري دي اڪيڊمڪ آف ورلڊ يونيورسٽي مان ڪنھن ٻن ٽاپ 50 جو حصو بڻي ھجي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔