دنيا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي ۾ مداخلت نه ڪري ،اليڪشن چاهيون ٿا، عوام کي فيصلو ڪرڻ ڏنو وڃي: عمران خان

اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مون کي 22 ڪروڙ عوام چونڊيو هو ، منهنجي ذميواري  منهنجو ملڪ هو .عوام پاڪستان لاءِ چونڊيو هو ، دنيا جون غلطيون ٺيڪ ڪرڻ لاءِ نه .

برطانوي ٽي وي اسڪاءِ نيوز کي انٽرويو ڏيندي عمران خان چيو ته عراق ، افغانستان  يا يوڪرين ، سڀني ۾ ملٽري آپريشن جي خلاف آهيان ، چين ، روس ۽ آمريڪا سان تعلقاتن ۾ منهنجي ماڻهن کي فائدو ٿيو .

هن چيو ته آمريڪي رجيم چينج سان جيڪا حڪومت آندي وئي  ان ۾ 60 سيڪڙو ڏوهاري آهن ، اسان اليڪشن چاهيون ٿا ، عوام کي فيصلو ڪرڻ ڏنو وڃي ته هو ڪنهن  کي چاهين ٿا . 

عوام چونڊون چاهي ٿو ، مسلط ڪيل حڪومت کي قبول نه ڪندو . دنيا کي پاڪستان جي آزاد پرڏيهي پاليسي ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي . اسان کي به غير جانبدار رهڻ ڏنو وڃي ته جيئن اسان به پنهنجي ماڻهن جي سار سنڀال ڪري سگهون .

ڀارت ڪشمير مسئلي تي سدائين اقوام متحده جي قراردادن جي خلاف ورزي ڪئي آهي ، ڀارت ڪشميرين کان سندن حق کسيو ڪنهن ان تي ڳالهايو؟ ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ وسيلي هزارين ڪشميرين کي شهيد ڪيو ويو آهي . ڀارت ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ڪنهن به ان جي مذمت نه ڪئي آهي . پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 80 هزار جانين جي قرباني ڏني آهي ، آمريڪا افغانستان ۾ فوجي حل ڳولهي رهيو هو ، ناڪامي اسان جي مٿان ٿاڦي آهي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔