بجلي جي اگهه ۾ 3 روپيا 99 پيسا في يونٽ اضافي جي منظوري

اسلام آباد: نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) بجلي جي اگهن ۾ 3 رپيا 99 پيسا في يونٽ اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

نيپرا ۾ بجلي جي قيمت ۾ 4 رپيا 5 پيسا في يونٽ اضافي جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي . سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي ) اپريل جي فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ لاءِ درخواست ڏيندي چيو ته گذريل مهيني 12 ارب 55 ڪروڙ يونٽ بجلي پيدا ٿي ،جنهن جي مجموعي لاڳت 133 ارب رپيا هئي .

ڊيزل سان 27 رپيا في يونٽ ، فرنس آئل سان 28، ايل اين جي سان 16، ڪوئلي سان 14 رپيا في يونٽ بجلي پيدا ٿي 31 رپيا في يونٽ بجلي لاسز جي نظر ٿي وئي . نيپرا في يونٽ بجلي 4 رپيا 5 پئسا مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي جڏهن ته نيپرا 3 رپيا 99 پيسا في يونٽ اضافي جي منظوري ڏني آهي . جنهن جي نتيجي ۾ واهپيدارن تي 51 ارب رپين کان وڌيڪ جو بار پوندو ، فيصلو  ڪي اليڪٽرڪ کان سواءِ بجلي جي مڙني ورهائيندڙ ڪمپنين تي لاڳو ٿيندو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔