حڪومت جون ۾ چونڊن لاءِ تيار آهي ته اسان به ڳالهين لاءِ تيار آهيون: عمران خان

پشاور: عمران خان حڪومت سان مشروط ڳالهين تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو، پي ٽي آءِ سربراهه چيو آهي ته حڪومت جون ۾ چونڊن لاءِ تيار آهي ته اسان به ڳالهين لاءِ تيار آهيون، هر وقت ڳالهين جا در کُليل رکيا اٿئون

، پشاور ۾ پريس ڪانفرنس دوران عمران خان چيو ته ڪوشش آهي ته ڳالهين ذريعي پنهنجي مقصد تي پهچون، ڪابه ڊيل ناهي ٿي، اسلام آباد ۾ ويهون ها ته رتوڇاڻ ٿئي ها، حڪومت 6 ڏينهن ۾ چونڊن جي تاريخ نه ڏني ته ٻيهر نڪرنداسين

ھن چيو تھ 6 ڏينهن بعد لائحه عمل جو اعلان ڪندس چيف جسٽس کي خط لکي سوال پُڇيا اٿم ته ڇا پُرامن احتجاج جو حق آهي يا نه، 6 ڏينهن ۾ خبر پوندي ته سُپريم ڪورٽ اسان جي بُنيادي حقن جو تحفظ ڪري ٿي يا نه

پريس ڪانفرنس دوران ھن چيو تھ هن معاملي ۾ سُپريم ڪورٽ جو اهم ڪردار آهي، عدليه مان انصاف جي اُميد رکون ٿا، ويڙهه نٿا چاهيون، پر رڍن ۽ ٻڪرين جيان هنن جا ظلم نه سهنداسين

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔