ڪراچي لاءِ بجلي في يونٽ 4 رپيا 83 پئسا مهانگي

ڪراچي: نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي مارچ جي ماهوار فيول چارجڊ ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 4 رپيا 83 پئسا في يونٽ اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي .

حڪومت پئٽروليم جي شين  جي قيمتن ۾ اضافي کانپوءِ  آءِ ايم ايف جي وڌيڪ مطالبن تي عمل ڪندي بجلي جي اگهن ۾ به اضافي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي .

نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي مارچ جي ماهوار فيول چارجڊ ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 4 رپيا 83 پئسا في يونٽ اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ ان ڏس ۾ باقاعده نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي .قيمت ۾ اضافو ڪي اليڪٽرڪ جي مڙني صارفين سواءِ لائيف لائين صارفين تي ٿيندو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔