اي وي ايم ۽ اوور سيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت اڳوڻي حڪومت جون ڪيل ترميمون ختم

اسلام آباد: قومي اسيمبلي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ اوور سيز پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت اڳوڻي حڪومت طرفان ڪيل ترميمون ختم ڪرڻ جو بل منظور ڪري ورتو

چونڊ سڌارن بابت ترميمي بل 2022ع پارلياماني مامرن واري وزير مرتضيٰ جاويد عباسي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو، اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل 2022 اسٽينڊنگ ڪميٽي کي موڪلڻ جو قائدو معطل ڪرڻ جي رٿ به منظور ڪئي وئي آهي

ايم ڪيو ايم جي صابر قائم خاني چيو ته مضبوط اليڪشن ڪميشن ۽ مضبوط قانون جي سدائين ضرورت رهي آهي، اسان سدائين اليڪشن ۾ اِن معاملي ۾ متاثر رهيا آهيون، موجوده حڪومت جيڪي ترميمون ڪيون آهن، اُهي وقت جي ضرورت آهن

صابر قائمخاني جو چوڻ هو ته جن جماعتن جي ايوان ۾ نمائندگي ناهي، انهن کان به راءِ وٺڻ ضروري آهي، 2017 ع ۾ منظور ڪيل بل جيڪڏهن واپس ٿي رهيو آهي ته اسان اُن جي حمايت ڪنداسين

قانون واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ايوان ۾ چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ذريعي اليڪشن ڪرائڻ جي ترميم ڪئي وئي، اي وي ايم تي اليڪشن ڪميشن اعتراض واريا، عمران حڪومت گهٽ فرق سان بل قومي اسيمبلي مان پاس ڪرايو ويو، بل جڏهن سينيٽ آيو ته اُن کي اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويو

اعظم نذير تارڙ جو چوڻ هو ته رولز کي بلڊوز ڪري بل منظور ڪيو ويو پر پوري ملڪ ۾ هڪ ئي وقت اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن ذريعي چونڊون ڪرائڻ ممڪن نه آهي

هن چيو ته اڄ ايجنڊا ڪافي ڊگهي آهي، قومي احتساب بيورو(نيب) ترميمي بل به اڄ منظور ڪرايو ويندو، جڏهن ته چونڊ سڌارن لاءِ پارلياماني ڪميٽي پڻ جوڙڻي آهي

قومي اسيمبلي اجلاس ۾ اليڪشن ايڪٽ 2017 ۾ ترميم جي بل جي شق وار منظوري ورتي وئي ۽ بل منظوري کانپوءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ اوور سيز پاڪستانين جي ووٽنگ بابت اڳوڻي حڪومت جون ڪيل ترميون ختم ٿي ويون

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔