ڪالهه جيڪو ڪجهه ٿيو، اُن سان سياسي پارٽيز تي عدليه جو اعتماد ٽُٽي ويو: چيف جسٽس

اسلام آباد: سُپريم ڪورٽ عمران خان خلاف حڪومت ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جون درخواستون اُڪلائي ڇڏيون آھن، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪنھن تي الزام لڳائڻ لاءِ ناھيون ويٺا، سپريم ڪورٽ آئيني حقن جي تحفظ لاءِ آھي

چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو تھ ممڪن آهي ته عمران خان کي غلط ٻڌايو ويو هجي، ڪالهه جيڪو ڪجهه ٿيو، اُن سان سياسي پارٽيز تي عدليه جو اعتماد ٽٽي ويو آهي

ھن چيو تھ اهڙو حڪم جاري ڪنداسين، جيڪو مستقبل لاءِ مثال بڻجي ويندو، ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل عدالت جو گذريل ڏينهن وارو حڪم پڙهيو ۽ عمران خان جي خطاب جي وڊيو به هلائي

 موجوده ڪيس ۾ عدليه پنهنجي حد کان اڳتي وڌي حڪم ڏنو هو، خبر آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن لڳاتار شيلنگ ڪئي، اُن سان عوام متاثر ٿيو ۽ هجوم به چارج ٿي ويو، شيلنگ کان بچڻ لاءِ گرين بيلٽ کي ساڙيو ويو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔