16 مئي کان پئٽرول مهانگو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد: ملڪ ۾ 16 مئي کان پئٽرول مهانگو ٿيڻ جو امڪان آهي .

 حڪومت لاءِ عالمي مالياتي فنڊ سان ڳالهه ٻولهه نهايت ڏکي ٿي وئي آهي، ڇو ته آءِ ايم ايف پراڻي مطالبي تي اٽل آهي ته پئٽرول مهانگو ڪرڻ کان سواءِ ڳالهه اڳتي نه وڌندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو آهي ته پئٽرول تي سبسڊي کي محدود ڪيو وڃي ۽ پئٽرول تي جنرل سبسڊي ختم ڪئي وڃي .

ذريعن موجب پاڪستان آءِ ايم ايف کي اڳواٽ ئي بجلي مهانگي ڪرڻ جو پلان ڏئي چڪو آهي ، بجلي مهانگي ڪرڻ واري پلان تي به عمل ڪرڻو پوندو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔