ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ 4 ڏينهن لاءِ سي اين جي اسٽيشنز بند

ڪراچي: اڄ کان سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي سميت صوبي جي مڙني شهرن ۾ 4 ڏينهن لاءِ سي اين جي اسٽيشنز بند رهنديون .

سوئي سدرن گئس ڪمپني گرمي جي موسم ۾ به سوئي گئس بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي .

سوئي سدرن گئس ڪمپني پاران ملڪ ۾ گئس جي قلت جو جواز ڄاڻائي سي اين جي اسٽيشنز بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي .

سوئي سدرن گئس ڪمپني جي عملدارن جو چوڻ آهي ته سي اين جي اسٽيشنز 16 مئي جي صبح جو 8 وڳي کوليون وينديون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔