بلاول جون سياسي ڳالهيون اهميت نٿيون رکن، هي ٻن هفتن جا مهمان آهن: فواد چوڌري

اسلام آباد: اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته هاڻ عدالتي ڪميشن ٺاهڻ ضروري آهي ته بلاول ڪنهن ڪنهن سان ملاقات ڪئي، بلاول ڀٽو پاڻ پرڏيهي سازش تحت پرڏيهي وزير بڻجيو آهي هي به ڏوهاري آهي.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو جي ايوان ۾ تقرير تي رد عمل ڏيندي فواد چوڌري چيو ته چونڊن طرف نه وياسين ته حالتون سنگين ٿي وينديون. والاريل پارليامينٽ ڪهڙي ڪميشن ٺاهيندو. پيپلز پارٽي شفاف ته ڇا چونڊون ئي نٿي ڪرائڻ چاهي.
اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته بلاول ڀٽو جي اسيمبلي ۾ سياسي ڳالهين جي ڪابه اهميت نه آهي هي هاڻ ٻن هفتن جا مهمان آهن. حڪومت جي ڪنهن به ڪميشن جو حصو نه بڻجنداسين. اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ اڄ به مندي نظر اچي رهي آهي.
زرداري فيملي پيپلز پارٽي جي لاءِ خطرو هئي، هاڻ ملڪ لاءِ خطرو آهي. فواد چوڌري خبردار ڪيو ته پاڪستان کي سريلنڪا ماڊل بنائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ائين لڳي رهيو آهي ته بلاول ڀٽو ان ۾ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔