لنڊن ۾ نواز شريف جي صدارت ۾ اهم اجلاس، وزيراعظم  شهباز شريف به شريڪ

لنڊن ۾ وزيراعظم شهباز شريف نواز ليگ جي قائد نواز شريف سان ملاقات ڪئي، جنهن کانپوءِ مسلم ليگ نون جو اهم مشاورتي اجلاس جاري آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس جي ايجنڊا ملڪ جي معاشي صورتحال آهي جڏهن ته اجلاس ۾ چونڊن تي به غور ڪيو ويندو

ن ليگ ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف کي ڪجهه معاملن تي پارٽي اڳواڻن سان صلاح مشورا ڪرڻا آهن ۽ مسلم ليگ ن وڏو فيصلو ڪرڻ واري آهي

ذريعن موجب نواز شريف وڊيو لنڪ تي ملاقات جي تجويز رد ڪري ڇڏي هئي جنهن کانپوءِ وزيراعظم جي اڳواڻي ۾ حڪومتي وفد لنڊن پهچي ويو آهي

ذريعن موجب اجلاس ۾ ايندڙ چونڊن، پنجاب ڪابينا ۽ پاور شيئرنگ بابت اهم فيصلا ٿيڻ جو امڪان آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف پيٽروليم شين جي قيمتن تي ايڪشن پلان بابت نواز شريف ۽ اسحاق ڊار سان به صلاح مشورا ڪندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔