فوج خلاف زهر اوڳاڇڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه هوندو:آصف علي زرداري

ڪراچي: اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته فوج غير سياسي ٿي آهي ته جنرل باجوه کي سليوٽ ڪرڻ گهرجي يا وڙهڻ گهرجي؟

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آصف زرداري چيو ته جنرل باجوه ائين نه چيو ته آصف زرداري يا شهباز شريف کي ووٽ ڏيو، خبر پئجي وئي آهي ته هو نيوٽرل ۽ غيرسياسي رهي سگهن ٿا

هن چيو ته فوج خلاف زهر اوڳاڇڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه هوندو، اسان جو ڪنهن جي مقرري يا بدلي سان ڪوبه واسطو ناهي

آصف زرداري چيو ته اسان ڪڏهن چيو ته چونڊن کان ڊڄون ٿا، چونڊ سڌارن کانپوءِ ئي اليڪشن ٿي سگهي ٿي، نٿا چاهيون ته وري ڪو سليڪٽيڊ اچي، عمران خان هاڻي چونڊون ڪرائي ڇا ڪندو؟

آصف زرداري چيو ته پهرين ڏينهن کان چيو هو ته عمران خان ملڪ نٿو هلائي سگهي، اسان هلائي سگهون ٿا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔