عمران حڪومت جي تبديلي جو ڪارڻ آرمي چيف وارو معاملو بڻيو: خواجه آصف

اسلام آباد: بچاءَ واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ممڪن آهي ته نئين آرمي چيف جي مقرري کان اڳ چونڊون ڪرايون وڃن، ائين به ٿي سگهي ٿو ته نومبر کان اڳ نگران حڪومت هلي وڃي ۽ نئين حڪومت اچي

هن چيو ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه پاڻ ئي اعلان ڪري چڪو آهي ته کيس ملازمت جي مُدي ۾ واڌ نه گهرجي، اِن سان افواهن جا در بند ٿي ويا، آرمي چيف جي مقرري جو طريقيڪار هاڻي انسٽيٽيوشنلائيز ٿيڻ گهرجي

هن چيو ته آرمي چيف جي مقرري بُنيادي مامرو هو، جيڪو عمران خان جي حڪومت جي تبديلي جو ڪارڻ بڻيو، ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد جو نالو سينيارٽي لسٽ ۾ آيو ته اُن تي به غور ڪيو ويندو

هن چيو ته فوج جنرل فيض حميد جو نالو اُماڻـَي ته وزيراعظم وٽ اهو چوڻ جي گنجائش نه هوندي ته 5 بدران 3 يا 8 نالا  اُماڻيا وڃن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔