ملڪ ۾ 1970ع کان اقتدار جي ميوزيڪل چيئر هلي رهي آهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ ريفرنس تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا آهن ته ملڪ ۾ 1970ع کان اقتدار جي ميوزيڪل چيئر هلي رهي آهي، ڪنهن کي به غلط ڪم ذريعي فائدو وٺڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ملڪ کي مستحڪم حڪومت جي ضرورت آهي ته جيئن ترقي ٿي سگهي

چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته 1960 کان معاملا نٿا هلن، اسان سمجهون ٿا ته بغاوت سنگين غلطي آهي

 جسٽس جمال خان مندوخيل ق ليگ جي وڪيل کي چيو ته توهان جي پارٽي جا ماڻهو هيڏي هوڏي ٿيل آهن،هڪ بلوچستان جي پارٽي آهي،اُن جي ماڻهن جي خبر ناهي ته ڪٿي آهن، انهن پارٽيز جا سربراهه اڃا تائين مڪمل خاموش آهن

 جسٽس منيب اختر چيو ته بغاوت ڪندڙن لاءِ عوام سخت لفظ استعمال ڪندو آهي، اهو لفظ هتي استعمال نٿا ڪري سگهون، ضمير جي ڳالهه آهي ته بغاوت نه ڪريو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔