جنسي اسڪينڊل: جيفري ايپسٽن جي دوست گزلين ميڪسويل به ڏوهاري قرار

آمريڪي سيڙپڪار ۽ جنسي اسڪينڊل ۾ بدنام جيفري ايپسٽن جي دوست گزلين ميڪسويل کي به ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي, پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪا جي وفاقي عدالت ۾ ميڪسويل تي ننڍين ڇوڪرين کي جنسي مقصدن لاءِ اسمگل ڪرڻ جا 6 مان 5 الزام ثابت ٿيا، جنهن بعد کيس جوابدار قرار ڏنو ويو

پرڏيهي خابرو اداري جو چوڻ آهي ته ننڍي عمر جي ڇوڪرين کي جنسي مقصدن لاءِ اسمگل ڪرڻ جي وڌ ۾ وڌ سزا 40 سال آهي، تنهن ڪري 60 سالن جي ميڪسويل کي پنهنجي باقي زندگي جيل جي سلاخن پٺيان گذارڻي پوندي

گزلين ميڪسويل جي سزا بابت آمريڪي اٽارني چيو ته انصاف جو رستو ڊگهو هو پر اڄ انصاف ٿي ويو

ميڪسويل جو دوست جيفري ايپسٽن کي آمريڪي سيڙپڪار سمجهيو ويندو هو، جنهن کي 2019 ۾ جنسي ڏوهن جي سزا ٻڌائي وئي هئي، جيفري ايپسٽن سزا ڪاٽيندي نيويارڪ جي جيل ۾ پراسرار طور تي مئل مليو هو

ٻئي طرف گزلين ميڪسويل پرنس اينڊريو جي ويجهو به رهي آهي، جيڪو جيفري ايپسٽن جو دوست هو، جيفري جي هوس جو نشانو بڻجندڙ عورت شهزاده اينڊريو تي به جنسي زيادتي جو الزام لڳايو هو جنهن جي هن ترديد ڪئي هئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔