حڪومت پاران نوازشريف جي ضمانتي شهباز شريف خلاف عدالت وڃڻ جو فيصلو

اسلام آباد: نوازشريف جي لنڊن مان واپس نه اچڻ تي حڪومت نوازشريف جي ضمانتي شهباز شريف جي خلاف عدالت وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. وفاقي حڪومت مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف خلاف عدالت وڃڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
حڪومت شهباز شريف جي خلاف هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آهي. شهباز شريف نوازشريف جي لنڊن مان ملڪ واپسي جي ضمانت ڏني هئي. نوازشريف جي واپس نه اچڻ تي شهباز شريف جي خلاف ڪارروائي جي درخواست ڪئي ويندي.
واضح رهي ته ان کان اڳ گذريل ڏينهن وفاقي وزير فواد چوڌري پنهنجي پريس ڪانفرنس ۾ چيو هو ته نوازشريف اچي نه رهيو آهي پر واپس آندو پيو وڃي. نوازشريف پاڻ ڪڏهن به واپس نه ايندو، حڪومت کيس واپس ضرور آڻيندي. هن چيو ته برطانيه سان قانون تي ڪم ڪري رهيا آهيون. جيڪڏهن نوازشريف پاڻ واپس نه آيو ته اسان برطانيه سان معاملا حل ڪري ورتا آهن. نوازشريف کي قيدين جي ڏي وٺ تحت اسان پاڻ آڻينداسين.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔