انتهائي گهربل ڏوهاري جو اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي ۽ پرڏيهي آفيس سان رابطن جو انڪشاف

اسلام آباد: عمر فاروق نالي انتهائي گهربل ڏوهاري جو پرڏيهي آفيس جي آفيسرن ۽ اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ بشير ميمڻ سان رابطن جو انڪشاف ٿيو آهي. رپورٽ موجب سوئٽزرلينڊ ۽ ناروي کي انتهائي گهربل پاڪستاني شهري جي پرڏيهي آفيس ۽ اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي سان رابطن جو انڪشاف ٿيو آهي.
جڏهن ته انرجي ۽ آءِ پي پي جي معاهدن ۾ فراڊ ڪندڙ ماڻهن جي پٺڀرائي ۾ اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي ۽ پرڏيهي آفيس جي ٻن آفيسرن کي طلب ڪيو ويو آهي. ايف آءِ اي اختيارين موجب ايف آءِ اي لاهور اڳوڻي ڊي جي ۽ پرڏيهي آفيس جي ٻن آفيسرن کي نوٽيس اماڻي ڇڏيو آهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته 2019 ۾ اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ عمر فاروق جو نالو انٽرپول جي انتهائي گهربل ڏوهارين جي لسٽ مان ڪڍرايو هو. عمر فاروق نالي شخص سوئٽزرلينڊ ۾ هڪ بئنڪ ٺاهي مختلف ملڪن جي ماڻهن کي ڦريو هو.
ايف آءِ اي اختيارين ٻڌايو ته عمر فاروق تي سوئٽزرلينڊ ۽ ناروي ۾ مني لانڊرنگ جا الزام هئا. عمر فاروق جو نالو جڏهن انٽرپول جي ريڊ لسٽ مان ڪڍرايو ويو هو ته هن اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي جو ٿورو مڃيندي خط پڻ لکيو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔