مني بجيٽ: وزيراعظم اتحادين جو اڄ اهم اجلاس طلب ڪري ورتو

اسلام آباد : وزيراعظم عمران خان مني بجيٽ تي اتحادين کي راضي ڪرڻ لاءِ متحرڪ ٿي ويو آهي، جنهن سلسلي ۾ عمران خان اتحادي پارٽين جي پارلياماني اڳواڻن جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو

اجلاس ۾ ايم ڪيو ايم، ق ليگ، جي ڊي اي ۽ بي اي پي جي پارلياماني اڳواڻن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي، جڏهن ته ڪابينا جي خاص اجلاس کان اڳ پارلياماني اڳواڻن سان ملاقات ٿيندي

ڪابينا جي خاص اجلاس دوران ناڻي وارو وزير شوڪت ترين اجلاس کي فنانس بل تي بريفنگ ڏيندو

ٻئي طرف متحده مخالف ڌر مني بجيٽ کي رد ڪري ڇڏيو ۽ مني بجيٽ خلاف ايوان ۾ حڪومتي اتحادين کان به مدد طلب ڪري ورتي

ڪالهه سومر ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ گڏيل اپوزيشن جي اجلاس ۾ چيو ويو ته بجلي ۽ گيس سميت ضروري شين جي قيمتن ۾ واڌ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري ملڪ تاريخ جي بدترين مهانگائي، بيروزگاري ۽ معاشي تباهي کي منهن ڏئي رهيو آهي

  • TA

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔