ڪراچي: ڪورونا جو شڪار نان ويڪيسينيٽيڊ اهلڪار ۽ آفيسرز ويلفيئر فنڊ مان نااهل قرار

ڪراچي: سنڌ پوليس جي ڪورونا جو شڪار نان ويڪيسينيٽيڊ اهلڪار ۽ آفيسرز کي ويلفيئر فنڊ مان مالي فائدن لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو آهي

سنڌ پوليس جي ويلفيئر بورڊ جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته ويڪسين نه ڪرائيندڙ اهلڪارن کي وبا ۾ مبتلا ٿيڻ جي صورت ۾ 10 هزار امدادي رقم نه ملندي

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا ۾ فوت ٿيل نان ويڪيسينيٽيڊ اهلڪارن جي وارثن کي اعلانيل 5 لک امداد به نه ملندي

فوت ٿيل اهلڪارن جي وارثن کي ڪورونا سرٽيفڪيٽ ۽ فوتي سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائڻي پوندي، فوتي سرٽيفڪيٽ ۾ موت جو ڪارڻ ڪورونا لکيل هجي، متاثر اهلڪارن کي به ڪورونا ويڪيسينيٽيڊ سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائڻا پوندا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔