شاھ لطيف يونيورسٽي جي شاگردياڻي جي مبينا اغوا وارو واقعو، رپورٽ عدالت ۾ پيش

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي شاگردياڻي خوشبو ڀـَٽـِي جي مبينا اغوا واري واقعي جي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ ڊي آءِ جي سکر طارق عباس قريشي، ڊپٽي ڪمشنر طارق چانڊيو، ايس ايس پي ملڪ ظفر اقبال ۽ رجسٽرار يونيورسٽي پيش ٿيا

انتظامي آفيسرز شروعاتي رپورٽ چيف جسٽس جي چيمبر ۾ پيش ڪئي، ڊي آءِ جي ميڊيا سان ڳالهين بابت ڌرين ۾ ٿيل معاهدي کان لاعلمي جو اظهار ڪندي چيو اسان کي اهڙو ڪو به بيان ناهي مليو

ٽائيم نيوز ڊي سي خيرپور طرفان چيف جسٽس آڏو پيش ڪيل رپورٽ هٿ ڪري ورتي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته شاگردياڻي خوشبو ڀـَٽـِي کي حراسان ۽ اغوا جي ڪوشش وارو واقعو رٿابندي تحت ٿيو هو، جوابدار صفدر وساڻ رٿابندي تحت زبردستي خوشبو ڀٽي سوڌو ٻين شاگردياڻين جي پوائنٽ بس سوار ٿيو، صفدر وساڻ پوائنٽ بس ۾ شاگردياڻين لاءِ مخصوص ٿيل حصي ۾ ويو ۽ کين حراسان ڪندو رهيو

واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ جوابدار صفدر جو والد شاگردياڻي جي گهر وڃي معافي ورتي هئي، جڏهن ته چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ 24 ڊسمبر تي شاگردياڻي جي اغوا جي ڪوشش جو نوٽيس ورتو هو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔