مدينه مسجد جي جاءِ تي پارڪ بحال ڪرڻ جو حڪم، ڊاهڻ جو ڪم سڀاڻي شروع ڪيو ويندو

ڪراچي جي طارق روڊ تي مدينه مسجد ۽ ڪلب جي اڏاوتن کي ڊاهڻ جي عدالتي حڪم تي پارڪ کي بحال ڪرڻ واري معاملي تي ضلعي ميونسپل ڪارپوريشن (ڊي ايم سي) اوڀر جي آفيس ۾ انتظامي عملدارن جو اهم اجلاس ٿيو

ذريعن موجب اجلاس ۾ انتظامي آفيسرن کان علاوه رينجرز ۽ پوليس اهلڪارن به شرڪت ڪئي

اجلاس ۾ مدينه مسجد ۽ ڪلب جي جاءِ تي پارڪ جي بحالي بابت اهم فيصلا ڪيا ويا

ذريعن موجب اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٻن ڏينهن ۾ مدرسو، دڪان يا ڪلب ڊاهي پٽ ڪري پارڪ کي بحال ڪيو ويندو.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته مدينه مسجد جي ڀرسان ڪلبن يا دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم سڀاڻي شروع ڪيو ويندو ۽ ان جاءِ تي پارڪ کي بحال ڪيو ويندو

ذريعن موجب 5 ماڙ مدينه مسجد جو ٽرسٽي جاويد اقبال ايڊووڪيٽ به پيش ٿيو. سندس ذريعي مسجد ڪميٽي مدرسو، دڪان ۽ ڪلب هڪ ڏينهن ۾ خالي ڪرائڻ جي حمايت ڪئي، جڏهن ته پارڪ ۾ مدينه مسجد جي تعمير لاءِ پي اي سي ايڇ سوسائٽي جو اين او سي پيش ڪيو ويو

ٽرسٽي جاويد اقبال ايڊووڪيٽ موجب هن جاءِ تي پهريون پارڪ هو، 1994ع ۾ پي اي سي ايڇ ايس انتظاميا اها جاءِ مسجد لاءِ وقف ڪئي هئي. هن وقف جا ڪاغذ پيش ڪندي موقف اختيار ڪيو ته مدينه مسجد قبضي واري جاءِ تي نه پر وقف جي جاءِ تي قائم ڪئي وئي آهي.

ٻئي طرف مسجد انتظاميا جو چوڻ آهي ته هاءِ ڪورٽ قبضي واري علائقي ۾ مسجدون بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، اهي حڪم وقف واري هنڌ تي لاڳو ناهي ٿيندو، انھيءَ کي درست تسليم ڪرڻ جو فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔