بلاول ڀٽو زرداري 2022 يا 23 ۾ وزير اعظم ٿيڻ بعد شادي ڪندو: منظور وساڻ

ڪراچي: صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ چيو آهي ته سنڌ ۾ ڀاڻ جو بحران وڌي ويو آهي، سنڌ ۾ اينگرو، ايف ايف سي ۽ فاطمه فرٽيلائزر ڪمپنيون يوريا ٺاهن ٿا، سنڌ کي ڊسمبر ۾ ڏيڍ لک ٻوريون گهٽ مليون آهن

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو آهي ته وفاقي وزير حماد اظهر هدايت ڪئي ته پنجاب کي ڪوٽا وڌيڪ ڏني وڃي، گيس سنڌ پيدا ڪري ٿي ۽ ڪمپنيون به سنڌ ۾ آهن، سنڌ ۾ وفاق پاڻ يوريا ڀاڻ جي کوٽ پيدا ڪري رهي آهي

هن چيو آهي ته سنڌ کي ڏيڍ لک ٻوريون گهٽ ڏيڻ زيادتي آهي، ايننگرو روزانو ڏيڍ لک ٻوريون پيدا ڪري ٿي، اڄ ڊيلرز ۽ ڪمپنين کان لکرائي ورتو آهي ته اسان کي ڪوٽا تحت پوري ڀان ڏني وڃي، پنج جنوري کان پوءِ يوريا ڪم جي ناهي

منظور وساڻ چيو ته ڀاڻ ٺاهيندڙ ڪمپنين پاران مختلف ڊيلرز کي غلط طريقي سان ڀاڻ ڏنو پيو، اسان ڪاميٽي به ٺاهي آهي، گهوسٽ ڊيلرز کي ڀاڻ نه ملڻ گهرجي، تمام جلد بحران ختم ٿي ويندو

هن چيو آهي هت سنڌ سان خبر ناهي عمران خان جي ڪهڙي دشمني آهي، عمران خان سنڌ کي ڪمزور ڪرڻ ۽ نقصان ڏيڻ چاهي ٿو، ان سموري بحران جي ذميوار وفاقي سرڪار آهي، اسان ملڪ هلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، عمران خان مستقبل ۾ پاڪستان جو گوربا خوف بڻجندو ۽ ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيندو

هن چيو آهي ته سنڌ ۾ پهريان ئي احساس محرومي آهي، مان درخواست ڪيان ٿو سنڌ صوبو به پاڪستان جو آهي، عمران خان سنڌ تي رحم ڪري

هن چيو آهي ته مارچ کان پهرين نواز شريف نه ايندو، ايندڙ سال خطرناڪ هوندو، تمام وڏيون تبديلين جو امڪان آهي، جي ڊي اي وارا عمران خان سان گڏ اندر هوندا، بلاول ڀٽو زرداري 2022 يا 23 ۾ وزير اعظم ٿيڻ بعد شادي ڪند

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔