ٻڌايو وڃي ته نادرا ۾ رٽائرڊ فوجي آفيسر ڪيترا ۽ ڪهڙن عهدن تي ڀرتي ٿيل آهن:اپوزيشن

اسلام آباد: سينيٽ جي اجلاس دوران نيشنل ڊيٽابيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) ۾ رٽائرڊ فوجي اهلڪارن جي ڀرتي جو معاملو بحث هيٺ آيو ۽ مخالف ڌر ان حوالي سان تفصيل فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو

سينيٽ جو اجلاس چيئرمين صادق سنجراڻي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد چيو ته مون سوال ڪيو هو ته نادرا ۾ هٿياربند فوج جا ڪيترا رٽائرڊ آفيسر مقرر ڪيا ويا آهن؟، هن چيو ته نادرا ۾ هٿياربند فوج جي ريٽائرڊ آفيسرن جي ڀرتي جي حوالي سان کيس اڻپورو جواب ڏنو ويو جڏهن ته سندس سوال انهن آفيسرن جي تعداد بابت هو

هن چيو ته جيتري قدر مون کي خبر آهي ته هٿياربند فوجن جا ڪيترائي رٽائرڊ آفيسر نادرا ۾ ٻيهر ڀرتي ڪيا ويا آهن، جڏهن ته نوجوانن جو وڏو تعداد نوڪرين جي ڳولا ۾ آهي، سينيٽر مشتاق احمد چيو ته رٽائرڊ اهلڪارن کي مراعات سان ٻيهر ملازمت ڏيڻ نوجوانن سان ناانصافي آهي، ٻڌايو وڃي ته نادرا ۾ ڀرتي ٿيل رٽائرڊ فوجي آفيسرن جو تعداد ۽ اهي ڪهڙن عهدن تي آهن

جماعت اسلامي جي سينيٽر جي سوال جي جواب ۾ پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان چيو ته نادرا ۾ 6 فوجي آفيسر ڊيپوٽيشن تي ڀرتي ڪيا ويا آهن ۽ اهي رٽائرڊ فوجي آفيسر نه آهن، هن چيو ته سينيٽر مشتاق نئون سوال پيش ڪرائي ڇو ته موجوده سوال انهن بابت هو جيڪي ڊيپوٽيشن تي آيا هئا

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔