اڳوڻن حڪمرانن قرض وٺي اسان کي غلام قوم بڻائي ڇڏيو: وزيراعظم

اسلام آباد:وزيراعظم عمران خان چيو آھي تھ اڳوڻن حڪمرانن قرض وٺي اسان کي غلام قوم بڻائي ڇڏيو، وزيراعظم عمران خان ڪابينا جي اجلاس ۾ مني بجيٽ بابت ميمبرن کي بريفنگ ڏني، ذريعن موجب وزيراعظم ڪابينا اجلاس ۾ ميمبرن کي مني بجيٽ آڻڻ جي سببن کان آگاهه ڪيو ۽ ان تي کليل نموني ڳالهه ٻولهه ڪئي

وزيراعظم گذريل حڪومتن تي به تنقيد ڪندي چيو ته اڳوڻي حڪمرانن عالمي ادارن کان قرض وٺي اسان کي غلام قوم بڻايو، هن چيو ته عالمي ادارن جا قرض ۽ سود واپس ڪرڻ لاءِ انهن کان قرض وٺڻو پوندو

ياد رهي ته حڪومت طرفان مني بجيٽ جلد پيش ڪرڻ جو امڪان آهي ۽ ان حوالي سان ناڻي واري وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته مني بجيٽ ۾ عام ماڻهو جي استعمال ٿيندڙ ڪنهن به شيءِ تي ڪو به محصول نه لڳايو ويندو

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔