مني بجيٽ: پيٽرول وڌيڪ مهانگو ٿيندو، موبائل فون، گاڏيون، ميڪ اپ ۽ اسٽيشنري وڌيڪ مهانگا ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد: پيٽرول وڌيڪ مهانگو ٿيندو، موبائل فون، گاڏيون، ميڪ اپ، اسٽيشنري ۽ پيڪ فوڊ آئٽمز به مهانگا ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب مني بجيٽ ۾ 350 ارب روپين جي ٽيڪس ڇوٽ ختم ٿيندي.
مهانگائي جي ستايل عوام مهانگائي جي نئين لهر جي لاءِ تيار ٿي وڃن. وفاقي حڪومت قومي اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس ۾ مني بجيٽ منظور ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. معاشي ماهرن موجب مني بجيٽ سان مهانگائي جو نئون طوفان اچڻ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب مني بجيٽ ۾ هڪ هزار 700 کان وڌيڪ شين مٿان ٽيڪس لڳندو. مهانگو پيٽرول وڌيڪ مهانگو ٿيندو. موبائل فون، اسٽيشنري ۽ پيڪ فوڊ آئٽمز به وڌيڪ مهانگا ٿيڻ جو امڪان آهي. مني بجيٽ ۾ 350 ارب روپين جي ٽيڪس ڇوٽ ختم ٿيندي. عورتن جي لاءِ ميڪ اپ جو سامان به مهانگو ٿيندو. لگزري شين جي درآمدات تي ٽيڪس لڳندو. گاڏين تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ۾ اڍائي ۽ ٽريڪٽرز تي سيلز ٽيڪس ۾ 5 سيڪڙو واڌ جو امڪان آهي.
امپورٽڊ ڪپڙن، جوتن ۽ پرفيومز تي ڪسٽم ڊيوٽي وڌندي. ٻارن جا امپورٽڊ ڊائپرز مهانگا ٿيندا. مقامي تيار ڪيل شين تي سيلز ٽيڪس 12 مان وڌائي 17 سيڪڙو ڪرڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب مني بجيٽ ۾ ٽيڪس وصولي جو حدف 5 هزار 829 ارب مان وڌي 6100 ارب ڪرڻ جي تجويز شامل آهي. ترقياتي بجيٽ ۾ 50 ارب روپين جي ڪٽوتي ڪئي ويندي جيڪا تجويز به مني بجيٽ جو حصو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔