ايف آءِ اي پاران سموري پنجاب اندر مني لانڊرنگ ۾ ملوث ڪمپنين خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو

لاهور: ايف آءِ اي اختيارين سموري پنجاب ۾ غيرقانوني طور تي مني لانڊرنگ ۾ ملوث ڊالرز ڪمپنين جي خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪري ورتو آهي. غيرقانوني طور تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين جا لائسنس به ملتوي ڪيا ويندا. جڏهن ته ڪجهه ڪمپنين مهارت سان ڊالر جي لين دين کي گهٽ ظاهر ڪري قومي ناڻي کي مالي نقصان پهچايو آهي.
ذريعن ٻڌايو آهي ته ايف آءِ اي اختيارين سموري پنجاب ۾ هنڊي ۽ پرڏيهي ڪرنسي جو غيرقانوني طور تي ڪاروبار ڪندڙ ماڻهن جي خلاف ڪارروائيون ڪرڻ جي لاءِ ٽيمون جوڙي ڇڏيون آهن جيڪي سموري پنجاب جي مختلف ڊويزنن لاهور، سيالڪوٽ، گجرات، فيصل آباد، ساهيوال، وزيرآباد، سرگودها ۽ شيخوپوره سميت ٻين ضلعن ۾ ٽيمون ڪريڪ ڊائون ڪنديون جيڪي حوالا هنڊي جو غيرقانوني ڪاروبار ڪري رهيون آهن ۽ پرڏيهي ڪرنسي سميت ڊالرز وغيره جي غيرقانوني ڌنڌي ۾ ملوث آهن انهن جي خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.
ڇو ته ڪجهه ڪمپنين ڊالرز جي لين دين کي گهٽ ظاهر ڪري قومي ناڻي کي نقصان پهچايو آهي. ان ماڻهن جي خلاف به قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. ان حوالي سان ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سيل سموري پنجاب ۾ مختلف ڪارروائين دوران نه صرف ڪيترن ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي پر انهن وٽان غيرقانوني طور تي لکين روپين جي پرڏيهي ڪرنسي به هٿ آئي آهي جيڪا غيرقانوني طور تي هنڊي جي ڌنڌي ۾ ملوث آهن ۽ موقعي تان غيرقانوني طور تي هنڊي جو ڪاروبار ڪندڙ ماڻهن کان انهن کاتن جو حساب ڪتاب به قبضي ۾ ورتو ويو آهي ۽ سندن خلاف مني لانڊرنگ جي ايڪٽ تحت ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔