وفاقي گادي واري شهر جو نئون بلدياتي نظام عدالت ۾ چيلينج

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ وفاقي راڄڌاني جي نئين مڪاني نظام کي چئلينج ڪيو ويو آهي، اسلام آباد ۾ مڪاني ادارن جي نمائندن نئين لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس کي عدالت ۾ چئلينج ڪيو

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته ميئر جي سڌي چونڊ ۽ ڊپٽي ميئر کي هٽائڻ قانون جي خلاف آهي ۽ غير چونڊيل ماڻهو جي ڪائونسل به قانون جي ڀڃڪڙي آهي

درخواستگذارن جو موقف آهي ته لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2015ع جي موجودگي ۾ آرڊيننس ذريعي نئون نظام غير آئيني آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ صدر ۽ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪندي گهرو سيڪريٽري ۽ قانون واري سيڪريٽري کان 11 جنوري تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔