پاڪستان ۾ اومي ڪرون ڪيسز ۾ اضافو، ڪورونا جي پنجين لهر جو خدشو

ڪراچي : اومي ڪرون ڪيسز جي ڪري پاڪستان ۾ فيبروري ۾ جي مهيني ۾ عالمي وبا جي پنجين لهر جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي, پاڪستان ۾ ڏکڻ آفريڪي قسم اومي ڪرون جا 75 ڪيسز سامهون اچڻ تي صحت جي ماهرن ڪورونا وبا جي پنجين لهر جو خدشو ظاهر ڪيو آهي

صحت واري وزارت جي اختيارين جو چوڻ آهي ته اومي ڪرون جي ڪيسن ۾ تيزي سان اضافو ظاهر ڪري ٿو ته ايندڙ ٻن هفتن ۾ سڄي ملڪ مان اومي ڪرون جا ڪيس رپورٽ ٿيڻ لڳندا

طبي ماهرن موجب ايندڙ سال فيبروري جي وچ تائين روزانو 3 هزار کان 4 هزار نوان ڪيس سامهون اچي سگهن ٿا، اختيارين جو چوڻ آهي ته ويڪسين لڳرائڻ وارا اومي ڪرون سبب سنگين بيمارين کان بچي سگهن ٿا

  • TAGS

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔