پاڪستانين خوش رهڻ ۾ ڀارتين ۽ افغانين کي پوئتي ڇڏي ڏنو

اسلام آباد: پاڪستان جي ڪهڙي صوبي جا ماڻهو سڀ کان وڌيڪ خوش رهن ٿا؟ هڪ سروي ۾ اها خبر پئجي وئي.

گيلپ پاڪستان، عوام جي مزاج تي ٻڌل نئين سروي جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته سڀ کان وڌيڪ خوش رهندڙ ماڻهو خيبرپختونخواهه ۾ نظر آيا، جتي 73 سيڪڙو ماڻهن خوش رهڻ جو ٻڌايو.

سروي ۾ ٻڌايو ويو ته 65 سيڪڙو پاڪستانين سمورن مسئلن باوجود خوش رهڻ جو ٻڌايو، جڏهن ته 23 سيڪڙو ماڻهن نا خوش هجڻ بابت ٻڌايو.

سروي موجب پاڪستاني خوش رهڻ ۾ پاڙيسري ملڪ ڀارت ۽ افغانستان کان اڳتي آهن، ڇاڪاڻ ته ڀارت ۾61 سيڪڙو ۽ افغانستان ۾ 45 سيڪڙو ماڻهن خوش رهڻ جو ٻڌايو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔