سارو گنگولي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا

نئين دهلي: ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جو صدر سارو گنگولي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا ٿي ويو.

ڀارتي ميڊيا ڪرڪيٽ بورڊ جي صدر سارو گنگولي جي ڪورونا وائرس ۾ مبتلا هجڻ جي تصديق ڪئي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب 49 سالن جي گنگولي جي ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ ڪئي وئي ته ان جو نتيجو اچڻ کان اڳ ئي اڳوڻو ڪپتان ڪولڪتا جي اسپتال منتقل ٿيو ۽ اتي ئي قرنطينا آهي.

ڀارتي ميڊيا جو چوڻ آهي ته سارو گنگولي پيشوراڻي ذميواري جي ڪري لاڳيتو سفر ڪري رهيو آهي ۽ هن ويڪسينيشن به مڪمل ڪرائي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب ان کان اڳ جنوري 2021 ۾ سارو گنگولي کي دل جو دورو پوڻ ڪري اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جتي هن جي انجيو پلاسٽي به ڪئي وئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔