سون جو مُلهه چڙهي ويو

ڪراچي: ملڪ ۾ سون اگهن ۾ لاهن چاڙهن جو سلسلو جاري آهي ۽ اڄ سون جي اگهه ۾ واڌ سامهون آئي آهي.

سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب في تولي سون جي قيمت ۾ 100 رپين جي واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ اهو هڪ لک 26 هزار 200 رپين جو ٿي ويو آهي.

اهڙي ريت 10 گرام سون 79 رپيا وڌيو آهي، جنهن کانپوءِ ان جي قيمت هڪ لک 8 هزار 196 رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 2 ڊالر واڌ سان 1817 ڊالر في اونس آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔