حارث رئوف به مايا علي جا ڊراما ڏسڻ لڳو

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو فاسٽ بالر حارث رئوف اداڪارا مايا علي کي ڏاڍو پسند ڪندو آهي، جيڪو هاڻ سندس ڊراما ڏسي رهيو آهي.

هڪ انٽريو ۾ حارث رئوف اعتراف ڪيو هو ته مون کي مايا علي ڏاڍي وڻندي آهي ۽ ان سان گڏ ڊنر تي به وڃڻ چاهيان ٿو، جڏهن ته اداڪارا طرفان ان تي ڪو ردعمل نه آيو هو.

هاڻ گذريل ڏينهن ڪرڪيٽر انسٽاگرام اسٽوري تي پوسٽ ڪئي، جنهن ۾ هو ڊرامو ”جو بڇر گئي“ ڏسي رهيو آهي، هن مايا علي ۽ وهاج علي جي سين جي ويڊيو پوسٽ ڪئي.

حارث رئوف جي انسٽا اسٽوري جا اسڪرين شاٽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيا ته واهپيدارن به دل کولي تبصرا ڪيا.

ڪنهن مايا علي کي مينشن ڪيو ته ڪنهن ان اميد جو اظهار ڪيو ته مستقبل ۾ ٻئي ڪرڪيٽر جي خواهش موجب ڊنر تي ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔